مواد ڏانھن هلو

ڄام فيروز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
21:00, 14 مَئي 2018ع مطابق Shuaib-bot (بحث | ڀاڱيداريون) (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ) پاران ورجاءُ
ڄام فيروز
سنڌ جو سلطان
1508 کان مارچ 1512 ؛وري آڪٽوبر 1512کان
پيشرو ڄام نظام الدين سمو(پھريون دور)
ڄام صلاح الدين ٻيون(ٻيون دور)
جانشين ڄام صلاح الدين ٻيون(پھريون دؤر)
شاھ بيگ ارغون(ٻيون دور)
پورو نالو
ڄام فيروز سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
پيءُ ڄام نظام الدين سمو
مذھب اسلام

ڄام فيروز (پهريون دور)

ڄام نندي جي وفات وقت ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو هو، ان ڪري نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ معاملا دريا خان جي حوالي ٿيا.

تفصيلي تعارف

ٺٽي جي شهرين دريا خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب، ڪم عمر فيروز کي سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. ٽن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي سياسي فضا ڪافي تبديل ٿي وئي. هر طرف بدامني، بي آرامي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. سلطنت جا امير جائز مرتبي نه ملڻ سبب، نراس ۽ مايوس ٿيڻ لڳا. شريف جي جاءِ رذيل والاري، عالم جي جاءِ جاهل ورتي، ڏاهن جي جاءِ تي نادان پهتا، اميرن جي ڀيٽ ۾ مسخرن کي ترجيح ملي. مير محمد معصوم ان متعلق لکي ٿو:

”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“ [1]

هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر ”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي ”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.[2]

ٻيون دور: آڪٽوبر 1512 کان

ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)

ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين. هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽ حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.[2] جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان، شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.[2]

سمن جي حاڪميت جو خاتمو

سن1520ع (926هه) جي آخر ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. شال، مستونگ ۽ ٻين شهرن جو جوڳو بندوبست ڪري، مير فاضل ڪوڪلتاش جي قيادت ۾ اڍائي سؤ چونڊ بهادرن جو لشڪر سنڌ ڏي موڪليو ويو. سموري لشڪر جي نگراني شاه بيگ خود ٿي ڪئي. ارغونن پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي. ارغوني لشڪر باغبان وٽان گذريو. ان وقت دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، ليڪن فاتحن رستو تبديل ڪري ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاه بيگ سان نيازمنديءَ جو اظهار ڪيو. ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:

”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“[3] ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.[2] درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.[4] ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.[5] هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو: ”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“[6] شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين: ”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“[6] هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.[7] ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.[2]

حوالا

  1. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص114-115 }
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص153-154}
  4. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص155-157}
  5. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص 160}
  6. 6.0 6.1 {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص166}
  7. {ڪتاب:ايم. ايڇ. پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص383}